مرڪزي بينڪ پاناما ليڪس معاملي جي جاچ ڪري سگهي ٿي پر وٽن اهڙي صلاحيت ناهي:چيئرمين سليم مانڊوي والا

sanete ajlas

اسٽيٽ بينڪ، ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته مرڪزي بينڪ پاناما ليڪس معاملي جي جاچ ڪري سگهي ٿي پر وٽن اهڙي صلاحيت ناهي، ان معاملي تي لاڳاپيل اٿارٽي جي معاونت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

اسلام آباد ۾ چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاناما ليڪس ۽ اليڪٽريڪل ڪمپليڪس جي نجڪاري واري بل تي ضلعي ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس دوران ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا اسٽيٽ بينڪ جي ڊپٽي گورنر سعيد احمد کان سوال ڪيو ته ڇا مرڪزي بينڪ پاناما ليڪس معاملي جي جاچ ڪري سگهي ٿي.؟

اسٽيٽ بينڪ جي ڊپٽي گورنر سعيد احمد چيو ته هـُو پاناما معاملي جي جاچ ڪري سگهن ٿا پر وٽن اهڙي صلاحيت ناهي، سندن خواهش آهي ته پاناما معاملي تي لاڳاپيل اٿارٽي سان معاونت ڪئي وڃي.

ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو ته قانون آهي ته اسٽيٽ بينڪ جي اجازت سان جيترا پئسا وڻن ٻاهر منتقل ڪري سگهن ٿا، جنهن تي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته مرڪزي بينڪ ان پاليسي کي يقيني بڻائيندي آهي ته ملڪ کان ٻاهر منتقل ٿيندڙ پئسو جائز طريقي سان حاصل ڪيو ويو هجي.

اسٽيٽ بينڪ جي ڊپٽي گورنر چيو ته 50 لک ڊالر پرڏيهه منتقل ڪرڻ لاءِ اجازت وٺڻي پوندي آهي، رقم پرڏيهي اڪائونٽ جي ذريعي به ٻاهر موڪلي سگهجي ٿي.

ڪميٽي ميمبر سردار فتح محمد حسني سوال ڪيو ته اهڙو ڪهڙو قانون آهي جو اجازت سان 5 ملين موڪلي سگهجن ۽ بغير اجازت جي جيترا پئسا وڻ ٻاهر منتقل ڪيا وڃن.؟

اجلاس ۾ پاناما معاملي تي بريفنگ دوران صحافين کي ڪوريج کان روڪيو ويو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*