اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، عمران فاروق قتل ڪيس ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

islamahighicourt18-8

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، عمران فاروق قتل ڪيس ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪوثر عباس زيدي جوابدارن جي وڪيلن پاران بدتميزي ڪرڻ بعد عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪئي هئي ۽ معاملو چيف جسٽس ڏانهن موڪليو هو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس محمد انور ڪاسي ڪيس جي بينچ ڏانهن منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي چيو آهي ته جج ڪوثر عباس زيدي ئي هن ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندو.

چيف جسٽس چيو ته وڪيلن پاران جج سان بدتميزي ڪرڻ وارو معاملو  پاڪستان بار ڪائونسل ڏانهن موڪليو ويو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*