لاهور هاءِ ڪورٽ 5 قيدين کي ڦاهي تي عملدرآمد روڪڻ واري عدالتي فيصلي خلاف وفاق جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ، 5 قيدين ڦاهي تي عملدرآمد روڪڻ واري عدالتي فيصلي خلاف وفاق جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

 جسٽس ارشد محمود تبسم جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ موت جي سزا ٻڌايل 5 قيدين جي ڦاهي تي عملدرآمد روڪڻ واري عدالتي حڪم خلاف وفاق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران وفاق پاران ڊپٽي اٽارني جنرل ساجد الياس ڀٽي دليل ڏيندي چيو ته 5 ئي قيدين چناب پل تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ 7 فوجي شهيد ٿيا هئا.

ڊپٽي اٽارني جنرل ، عدالت کي آگاهي ڏني ته 5 ئي قيدين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي جن تي عملدرآمد  ٿيڻ هو پر عدالت اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته قيدين کي اپيلن جو پورو حق ڏنو ويو هو پر سندن درخواستون رد ٿي چڪيون آهن، عدلت کي استدعا آهي ته قيدين جي ڦاهي تي عملدرآمد روڪڻ وارو حڪم معطل ڪ ڪيو وڃي.

عدالت، درخواست تي دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اڄ ئي ٻڌائڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*