يورپي يونين پاڪستان ۾ ڦاهي جي سزا تي عملدرآمد شروع ٿيڻ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

يورپي يونين پاڪستان ۾ ڦاهي جي سزا تي عملدرآمد شروع ٿيڻ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، يورپي يونين جو چوڻ آهي ته دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ موت ڪو بهتر علاج ناهي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ يورپي يونين   چيو آهي ته پاڪستان ۾ موت جي سزا ٻڌايل قيدين کي ڦاهي ڏيڻ واري فيصلي تي کين سخت خدشا آهن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته پشاور سانحي کانپوءِ هن ڏکي وقت ۾ يورپي يونين پاڪستان سان گڏ آهي پر دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ موت جي سزا ڪو بهتر علاج ناهي.

يورپي يونين مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان فوري طور تي موت جي سزا ٻڌايل قيدين کي ڦاهي تي پابند لاڳو ڪري.

واضح رهي ته  پاڪستان ۾ يورپي يونين جي مطالبي تي دهشتگردن جي ڦاهي تي پابندي لاڳو ٿيل هئي پر پشاور سانحي کانپوءِ اها پابندي ختم ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*