پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون

pakistan-and-Garmni-mohiado

 پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته معاهدي جو مقصد ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ٿي، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ جرمن بينڪ ايف ڊبليو ڪي جي نمائندي معاهدي تي صحيحون ڪيون.

معاهدي تحت پاڪستان ۾ روزگار ڏيڻ لاءِ جرمني پاران ڪمپني قائم ڪئي ويندي ۽ اها ڪمپني هر سال 3 لک ماڻهن کي روزگار فراهم ڪندي.

تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته ڪمپني جي قيام جو مقصد غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو آهي.

اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ ماڻهن کي مائيڪرو فنانس جي ضرورت آهي، معاهو ٿيڻ بعد جرمني جي مائڪرو ڪريڊٽ فنانس ڪمپني ساليانو 3 لک ماڻهن کي روزگار ڏيندي، جنهن سان غربت ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*