تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري سرور پارٽي اڳواڻن سان اختلافن بعد لاهور جي جلسي ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي اڄ لنڊن واپسي جو فيصلو ڪري ورتو

chudhry-sarwar

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري سرور پارٽي اڳواڻن سان اختلافن بعد لاهور جي جلسي ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي اڄ لنڊن واپسي جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پي ٽي آءِ جي ترجمان اختلافن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته چوڌري سرور، عمران خان جي اجازت بعد لنڊن وڃي پيو.

ذريعن موجب، تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري سرور جا شاهه محمود قريشي ۽ ٻين اڳواڻن سان اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري سرور پهرين مئي تي لاهور ۾ رٿيل پارٽي جي جلسي ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، پارٽي اڳواڻن سان اختلافن بعد چوڌري سرور اڄ رات لنڊن روانو ٿي رهيو آهي، جتي هو ڊگهو قيام ڪندو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ جلسي کان اڳ بني گالا تي ٿيل اجلاس ۾ چوڌري سرور جي شاهه محمود قريشي ۽ ٻين اڳواڻن سان منهن ماري ٿي هئي.

پي ٽي آءِ جي ترجمان نعيم الحق جو چوڻ آهي ته چوڌري سرور ۽ شاهه محمود قريشي وچ ۾ اختلافن واريون خبرون بي بنياد آهن.

نعيم الحق چيو ته چوڌري سرور، عمران خان کان اجازت وٺڻ کانپوءِ لنڊن روانو ٿي رهيو آهي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*