نوابشاهه جي دهشتگردي جي ٽوڙ واري عدالت سانگهڙ واقعي ڪيس کي سانگهڙ جي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ واري درخواست رد

nawabshahcourt29-8

نوابشاهه جي دهشتگردي جي ٽوڙ واري عدالت  سانگهڙ واقعي ڪيس کي سانگهڙ جي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي ٻڌڻي 12 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

نوابشاهه ۾ دهشتگردي جي ٽوڙ واري عدالت ۾ سانگهڙ واقعي ڪيس جا 21 جوابدار، ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي، اڳوڻو ايم پي اي علي غلام نظاماڻي، اڳوڻو ايم اين اي غلام دستگير راڄڙ، معذور نوجوان غلام حيدر نظاماڻي ۽ ٻين سميت پوليس تحويل ۾ ورتل ٽي جوابدار دادن نظاماڻي، امين نظاماڻي ۽ عرفان يوسف زئي عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت ڌرين پاران ڪيس کي سانگهڙ  جي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي ٻڌڻي 12 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ڌرين پاران عدالت کي درخواست ڪئي وئي هئي ته ڪيس دهشتگردي جي ذمري ۾ نه ٿو اچي، جنهن ڪري ڪيس کي سانگهڙ جي عدالت ۾ منتقل ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*