صوبائي وزيرن جي ملڪ کان ٻاهر هئڻ ڪري سنڌ ڪابينا جو اڄ طلب ڪيل اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

sindh-cabina-22-02-16

 صوبائي وزيرن جي ملڪ کان ٻاهر هئڻ ڪري سنڌ ڪابينا جو اڄ طلب ڪيل اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

گذريل ڏينهن وڏي وزير قائم علي شاهه صوبي جي امن امان واري صورتحال، نئين مالي سال جي بجيٽ، ترقياتي رٿائن جي جائزي ۽ ٿر ڪميشن جي رپورٽ واري چار نقاطي ايجنڊا تي ويچار لاءِ سنڌ ڪابينا جو اجلاس طلب ڪيو هو.

اڄ پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي ته اڻٽر سببن ڪري ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

ٻڌايو وڃي ٿو ته صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي، ممتاز جکراڻي، گيانچند ايسراڻي، مخدوم جميل الزمان ۽ شرميلا فاروقي سميت 6 وزير ملڪ کان ٻاهر آهن، جنهن ڪري اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*