حيدرآباد ۾ پوليس عملدار جو ڀاءُ سڏائي عوام سان فراڊ ڪندڙ شخص گرفتار

hyderabad--fradi-men-arrist

حيدرآباد ۾ پوليس عملدار جو ڀاءُ سڏائي عوام سان فراڊ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار نوڪريون ڏيارڻ ۽ پروموشنز واري لالچ ڏئي ماڻهن کان لکين رپيا ورتا آهن.

ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس عوام سان فراڊ ڪندڙ شخص نوشاد شيخ عرف گلزار خواجه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي  جوابدار پوليس عملدار جو ڀاءُ سڏائي ماڻهن کي نوڪريون ڏيارڻ، بدليون ڪرائڻ ۽ پروموشنز واري لالچ ڏئي لکين رپيا فراڊ ذريعي ورتا آهن.

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*