چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ متحده سربراهه الطاف ۽ فاروق ستار سميت 20 ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جو ڳا گرفتاري وارنٽ جاري

Farooq Sattar

ڪراچي جڊيشل مئجسٽريٽ ايسٽ جي عدالت لائوڊ اسپيڪٽر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ۽ چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ متحده سربراهه الطاف ۽ فاروق ستار سميت 20 ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جو ڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جڊيشل مئجسٽريٽ ايسٽ جي عدالت سولنجر بازار ۾ ريلي دوران چڙ ڏياريندڙ تقريرن  ۽ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

 ٻڌڻي دوران سولجر ٿاڻي جي پوليس پاران ڪيس جو چالان پيش ڪيو ويو، جنهن تي عدالت متحده سربراهه الطاف حسين ۽ فاروق ستار سميت 20ڄڻن جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

سولجر بازار  ۾ هڪ سال اڳ ايم ڪيو ايم جي ريلي دوران لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ۽ چڙ ڏياريندڙ تقريرن تي متحده سربراهه سميت ٻين تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*