ڪراچي جي عدالت شهري کي اغوا ڪري ڀنگ وصول ڪرڻ واري ڪيس ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت ٽن اهلڪارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

city-court-karachi

ڪراچي جي عدالت شهري کي اغوا ڪري ڀنگ وصول ڪرڻ واري ڪيس ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت ٽن اهلڪارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جڊيشل مئجسٽريٽ ايسٽ جي عدالت ڪرائم برانچ جي ٽن اهلڪارن پاران شهري کي اغوا ڪري 5 لک رپيا ڀنگ وصول ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پوليس پاران اهلڪارن کي بيگناهه قرار ڏيڻ واري رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن  کي عدالت رد ڪندي اهلڪارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

واضع رهي ته ڪرائم برانچ جي اي ايس آءِ محمد خان، اهلڪار ارشد عباس ۽ ياسر خورشيد  تي  ڪجهه عرصو اڳ شهري کي اغوا ڪري 5 لک رپيا ڀنگ وصول ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*