شريف ڀائر پاناما ليڪس معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سياسي مخالفن خلاف ناڪاري پروپئگينڊا ڪري رهيا آهن:عمران خان

Imran-Khan-14-4-16

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته شريف ڀائر پاناما ليڪس معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سياسي مخالفن خلاف ناڪاري پروپئگينڊا ڪري رهيا آهن، شريف ڀائرن کي بنا احتساب جي ملڪ ۾ حڪومت ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته شريف ڀائر ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ناڪاري پروپئگينڊا ڪري رهيا آهن ۽ اشتهاري مهم جي ذريعي عوام جي ٽيڪس جو پئسو استعمال ڪيو پيو وڃي.

عمران خان مطالبو ڪيو ته نيب عوام جي ٽيڪس جو پئسو ڪرپشن جي دفاع لاءِ استعمال ڪرڻ تي نوٽيس وٺي.

هن وڌيڪ چيو ته پاناما ليڪس معاملو منظر عام تي اچڻ بعد شريف ڀائر بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، کين سمجهڻ گهرجي ته ملڪ ۾ بادشاهه نه پر جمهوريت آهي، شريف ڀائرن کي بنا احتساب جي ملڪ ۾ حڪومت ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

عمران خان جو چوڻ هو ته وزيراعظم هائوس جو ميڊيا سيل سياسي مخالفن خلاف پروپئگينڊا ڪري رهيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*