وزيراعظم نوازشريف جي پٽن جيان سندس اولاد جي به لنڊن ۾ ملڪيت آهي:جهانگير ترين

jhangir-tareen

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف جي پٽن جيان سندس اولاد جي به لنڊن ۾ ملڪيت آهي پر اها هلال جي ڪمائي آهي، نواز شريف ٻڌائي ته پرڏيهه ۾ ملڪيت ٺاهڻ لاءِ وٽس پئسو ڪٿان آهيو؟، مٿس لڳايل الزامن جا ثبوت پيش نه ڪيا ويا ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگري ترين چيو ته سندس ڪا به آف شور ڪمپني نه آهي، وزيراعظم هائوس جو ميڊيا سيل سياسي مخالفن خلاف ناڪاري پروپئگينڊا هلائي پيو.

هـُن چيو ته پاناما ليڪس ۾ شريف ڀائرن جو نالو اچڻ بعد ن ليگ کي جهانگير ترين ياد اچي ويو آهي ۽ سياسي مخالفن خلاف گند ڪچرو اڇلائڻ وارو نئون سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

جهانگير ترين دستاويز پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي پٽن جيان سندس اولاد جي به لنڊن ۾ ملڪيت آهي، جيڪا حلال جي ڪمائي جي آهي، ٽيڪس جي ادائيگي بعد بينڪن جي اجازت سان رقم پرڏيهه منتقل ڪئي وئي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ ڪوڙ جي فيڪٽري جي پٺيان مريم نواز آهي، مٿس لڳايل الزامن جا ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کي هڪ هفتي جو وقت ڏنو آهي.

جهانگير ترين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن شريف ڀائرن مٿس لڳايل الزامن جا ثبوت پيش نه ڪيا ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*