پاڪستان هن وقت غير معمولي صورتحال مان گذري رهيو آهي وزيراعظم نواز شريف

 وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪيترن ئي ننڍي تنظيمن رياست خلاف هٿيار کنيا آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انڌا منڊا فيصلا ڪيا ته قوم ۽ تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي، دهشتگردي مرض نه پر ڪينسر جي بيماري آهي، جنهن جو خاتمو ضروري آهي، افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

اسلام آباد ۾ پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مختصر نوٽيس تي سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو گڏ ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سڀ دهشتگردي جي خاتمي تي متفق آهن.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن وقت غير معمولي صورتحال مان گذري رهيو آهي، موجوده صورتحال جي گهرج آهي ته غير معمولي قدم کنيا وڃن.

وزيراعظم چيو ته حڪومت پهريان ڳالهين ذريعا معاملا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي کانپوءِ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن پر جهڙي طرح پشاور ۾ ٻارڙن کي قتل ڪيو ويو، ان جو مثال ڪٿي به نٿو ملي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته هن وقت سموري قوم اسان ڏانهن ڏسي رهي آهي ۽ ننڍي ننڍين تنظيمن رياست خلاف هٿيار کنيا آهن، جيڪڏهن موجوده وقت ۾ به ڊڄڻ کان ڪم ورتو ويو ۽ انڌا منڊا فيصلا ڪيا ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي.

هن چيو ته دهشتگرد ڪيستائين اسان جي ٻارڙن، معصوم شهرين ۽ سڪيورٽي ادارن کي نشانو بڻائيندا رهندا، دهشتگردي هڪ مرض نه پر ڪينسر جي بيماري آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.

هن چيو ته اتر وزيرستان  آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، پر هڪ ٻيو ضرب عضب شهرن ۾ به شروع ٿيڻ گهرجي، دهشتگردن کي سزا ملڻ تي ئي قوم مطئمن ٿيندي، اسان ڪمزور قدم کنيا ته قوم قبول نه ڪندي، پاڪستان وڏي قيمت ادا ڪئي آهي ۽ ملڪي معيشت کي به وڏو نقصان پهتو آهي.

وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته افغان حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، جيڪڏهن افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*