تعليمي بورڊ ڪراچي ڪاپي روڪڻ لاءِ قائم وجيلنس ٽيمن ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز کي شامل ڪرڻ بدران ٽيمز جي سربراهي خانگي اداري جي سربراهه حوالي ڪري ڇڏي

exaim-copy

تعليمي بورڊ ڪراچي ڪاپي روڪڻ لاءِ قائم وجيلنس ٽيمن ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز کي شامل ڪرڻ بدران ٽيمز جي سربراهي خانگي اداري جي سربراهه حوالي ڪري ڇڏي آهي، ڊائريڪٽر ڪاليجز تعليم کاتي جي اختيارين کي خط لکي شڪايت ڪئي آهي.

ڊائريڪٽر ڪاليجز ضمير کوسي تعليم واري وزير، سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جي تعليمي بورڊز ۽ يونيورسٽيز بابت سيڪريٽري کي لکي شڪايتي خط ۾ چيو آهي ته وجيلنس ٽيمن جي جوڙجڪ ۾ کيس اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.

ڊائريڪٽر لکيو آهي ته ڪاليجز ۾ امتحانن دوران ڪاپي روڪڻ سندس ذميواري آهي پر تعليمي بورڊ وجيلنس ٽيمن جي جوڙجڪ ۾ کيس نظر انداز ڪيو آهي.

هن لکيو آهي ته سپر وجيلنس ٽيم ۽ وجيلنس ٽيمن جو سربراهه خانگي اداري جي ڊائريڪٽر منصور صديقي کي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بورڊ جي بدنيتي ظاهر ٿي رهي آهي.

ڊائريڪٽر ڪاليجز اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪرائي ڪاپي روڪڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*