سنڌ ۾ بارداڻو نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج

larkana-protest

سنڌ ۾ بارداڻو نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج آهن، لاڙڪاڻي ۽ ناري ۾ آبادگارن خوراڪ کاتي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

لاڙڪاڻي ۾ آبادگارن عرفان جتوئي، محمد پنهل لوهر ۽ ٻين جي اڳواڻي م پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ناري ۾ آبادگارن بارداڻو نه ملڻ خلاف الهجڙيو مهر  ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ ريلي ڪڍي  مڱ چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

آبادگارن مطالبو ڪيو ته بارداڻو وڪرو ڪندڙ خوراڪ کاتي جي عملدارن خلاف ڪارووائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*