ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڀيڻ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

karachi-gril-mudar

ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڀيڻ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

اورنگي ٽائون جي علائقي مومن آباد ۾ 16 ورهين جي ڀيڻ کي قتل ڪندڙ جوابدار حيات کي جڊيشل مئجسٽريٽ ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مومن آباد ۾ 16 ورهين جي سميره مبينا طور ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهي هئي ته ان دوران ڀاءُ ڪاوڙ ۾ اچي کيس ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس مومن آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، ان ڪري رمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت پوليس جي استدعا منظور ڪندي جوابدار حيات کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته  ناري کي قتل ڪرڻ بعد هڪ شهري پاران وڊيو به رڪارد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ صاف نظر اچي ٿو ته 16 ورهين جي سميره زخمي حالت ۾ تڙپي رهي آهي ۽ سندس ڀاءُ مٿان موجود آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*