فيصل آباد ۾ گهريو تڪرار تان پيءُ مبينا طور تي ڌيءَ، ڏوهٽي ۽ ڏوهٽي کي باهه ڏئي ڇڏي

fasla-abad

فيصل آباد ۾ گهريو تڪرار تان پيءُ مبينا طور تي ڌيءَ، ڏوهٽي ۽ ڏوهٽي کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته عورت گهريلو تڪرار تان پاڻ کي باهه لڳائي آهي.

فيصل آباد جي تعلقي چڪ جمهره جي ڳوٺ 153 رب ۾ باهه لڳڻ سبب عورت شبنم، سندس ڌيءَ ڪائنات ۽ پٽ غلام مصطفيٰ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 عورت ۽ سندس ٻارن کي باهه لڳائڻ جو الزام سندن پيءُ تي هنيو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته عورت شبنم گهريلو تڪرار تان پاڻ کي باهه ڏني آهي.

شبنم جي والدين پوليس آڏو بيان ۾ چيو آهي ته گهر ۾ حصو نه ملڻ تان سندن ڌيءَ پاڻ تي تيل هارائي پاڻ کي باهه ڏني، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*