قوم جو پئسو وزيراعظم جي صفائي پيش ڪرڻ واري اشتهاري مهم تي خرچ پيو ٿئي:عمران خان

imran khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاناما ليڪس مان وزيراعظم جو نالو خارج ڪرڻ واري خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، قوم جو پئسو وزيراعظم جي صفائي پيش ڪرڻ واري اشتهاري مهم تي خرچ پيو ٿئي، نواز شريف قوم سان سچ نه ڳالهايو ته وڏي دلدل ۾ ڦاسي پوندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته حڪومت پاناما ليڪس معاملي تي ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، وزيراعظم جو پاناما ليڪس مان نالا خارج ناهي ٿيو ۽ نه ئي آءِ سي آءِ جي پاران معافي ورتي وئي آهي.

هـُن چيو ته وزيراعظم نواز شريف قوم کي ٻڌائي ته سندس ڪيتريون آف شور ڪمپنيون آهن ۽ پرڏيهه ۾ ملڪيت خريدڻ لاءِ وٽس ايترو پئسو ڪٿان آيو، جيڪڏهن وزيراعظم سچ نه ڳالهايو ته وڏي دلدل ۾ ڦاسي پوندو.

عمران خان چيو ته قوم جي ٽيڪس جو پئسو وزيراعظم جي اشتهاري مهم تي خرچ ٿي رهيو آهي ۽ سياسي مخالفن خلاف ناڪاري پروپئگينڊا وزيراعظم هائوس مان ٿي رهي آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته قوم جو پئسو بيدردي سان نواز شريف جي صفائي لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي، نيب کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

وزيراعظم پاران عوامي رابطه مهم شروع ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته نواز شريف جي مانسهره ۽ ٻين علائقن جي دوري سان پي ٽي آءِ کي ڪو به فرق نه پوندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*