لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال مان ٻن ڊاڪٽرز کي بدلي ڪرڻ خلاف پي ايم اي ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو احتجاج ايم ايس جي خاطري کانپوءِ ختم ڪيو ويو

larkana-pra-medical-

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال مان ٻن ڊاڪٽرز کي بدلي ڪرڻ خلاف پي ايم اي ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو احتجاج ايم ايس جي خاطري کانپوءِ ختم ڪيو ويو آهي، ايم ايس جو چوڻ آهي ته جاچ رپورٽ اچڻ تائين ڪنهن به ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي.

چانڊڪا اسپتال مان ٻن ڊاڪٽرز کي ڪراچي رليو ڪرڻ خلاف پي ايم اي ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته چانڊڪا اسپتال مان ٻن ڊاڪٽرز ۽ هڪ پيرا ميڊيڪل ملازم کي بنا جواز بدلي ڪيو ويو آهي، جيڪا ملازمن سان نا انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته بدلي ڪيل ڊاڪٽرز کي ٻيهر چانڊڪا اسپتال ۾ مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

احتجاج دوران چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس جاويد احمد شيخ مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو.

ايم ايس جاويد شيخ جو چوڻ هو اسپتال ۾ ڪوئن جي ٻن ٻارن کي چڪڻ واري معاملي تان ڊاڪٽرز کي لاپراهي ڪرڻ تي بدلي ڪيو ويو هو.

ايم ايس جو وڌيڪ چوڻ هو ته معاملي جي انڪواري ڪرائي رهيا آهن، جاچ رپورٽ اچڻ بعد الزام هيٺ آيل ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*