ملڪ اندر سياسي پارٽين جو انگ وڌي 327 ٿي ويو

Election Commision

اليڪشن ڪميشن پاران ملڪ ۾ سياسي پارٽين جي فهرست اپڊيٽ ڪئي وئي آهي، جنهن مطابق ملڪ اندر سياسي پارٽين جو انگ وڌي 327 ٿي ويو آهي، فهرست ۾ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ڌار ڌار پارٽين جو سربراهه ڄاڻايو ويو آهي.

 اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل فهرست موجب، ملڪ ۾ سياسي پارٽين جو انگ وڌي 237 ٿي ويو آهي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، 10 کان 15 پارٽيون آهن، جيڪي چونڊن ۾ متحرڪ نظر اينديون آهن، جن ۾ ن ليگ، تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ ٻيون شامل آهن.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل فهرست ۾ پهريون ڀيرو پيءُ ۽ پٽ کي ڌار ڌار پارٽين جو سربراهه ڄاڻايو ويو آهي.

فهرست موجب، آصف علي زرداري پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جو صدر ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي جو پيٽر ان چيف آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*