سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس دوران شاهه لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي پيش نه ٿيڻ تي ميمبرن پاران ڪاوڙ جو اظهار

sindh-assembly-new-26-04-16

سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس دوران شاهه لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي پيش نه ٿيڻ تي ميمبرن پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس خلاف وڏي وزير کي شڪايتي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

چيئرمين سليم رضا جلباڻي جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي جي اڪائونٽس جو جائزو وٺڻو هو.

اجلاس ۾ ٽيون ڀيرو به وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه پيش نه ٿي، فنڊز جي آڊٽ ۽ جائزي لاءِ پرو وائيس چانسلر ۽ ڊائريڪٽر فنانس پيش ٿيا، جنهن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميمبرز کين موٽائي ڇڏيو.

ڪميٽي جي ميمبر سيد سردار علي شاهه چيو ته وائيس چانسلر ٽيون ڀيرو به پبلڪ اڪائونٽس آڏو پيش ناهي ٿي، کيس عهدي تان هٽائڻ گهرجي.

ڪميٽي چيئرمين سليم رضا جلباڻي چيو ته وڏي وزير کي خط لکي رهيا آهيون، جنهن ۾ پروين شاهه خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي ويندي.

ان کانپوءِ چيئرمين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*