سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري ، ڄامشوري جي لمس اسپتال ۽ گهوٽڪي جي پاپوليشن کاتي جي آفيس تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو

anty-curruption

سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري آهن، ڄامشوري جي لمس اسپتال ۽ گهوٽڪي جي پاپوليشن کاتي جي آفيس تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

ڄامشوري جي لمس اسپتال تي اينٽي ڪرپشن ٽيم ڇاپو هني مريضن کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ وارو ريڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

اينٽي ڪرپشن جي عملدارن جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ مريضن کي بهتر کاڌو فراهم نٿو ڪيو وڃي، جنهن بابت شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

گهوٽڪي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم پاپوليشن کاتي جي آفيس تي ڇاپو هڻي گذريل 10 سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

سرڪل آفيسر مختيار احمد لاشاري جو چوڻ هو ته پاپوليشن کاتي ۾ بيقائدگيون ۽ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جي جاچ لاءِ رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*