لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستاني فلم “مالڪ” تي پابندي خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ سينسر بورڊ کي نوٽيس جاري

malik

لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستاني فلم “مالڪ” تي پابندي خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ سينسر بورڊ کي نوٽيس جاري ڪندي17 مئي تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس شمس محمود تي ٻڌل بئنچ پاڪستاني فلم “مالڪ” جي رليز تي پابندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار عالم پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته فلم ۾ ڪرپشن خلاف آگاهي کانسواءِ ڪجهه نه آهي، تنهن باوجود اطلاعات واري وزارت غير قانوني طور تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

درخواست ۾ استدعاڪئي وئي آهي ته سينسر سرٽيفڪيٽ کانپوءِ فلم تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي، جيڪا فوري طور تي هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ سينسر بورڊ کان 17 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*