هالي ووڊ جي مزاحيه اداڪار ايڊم سينڊلر کي سال 2014 جو ناڪام ترين اداڪار قرار ڏنو ويو

هالي ووڊ جي مزاحيه اداڪار ايڊم سَينڊلَر کي سال 2014 جو  ناڪام ترين اداڪار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اداڪار جَونِي ڊِپ ٻئين نمبر تي رهيو.

امريڪي ميگزين فوربز  سال 2014 لاءِ هالي ووڊ جي ناڪام ترين اداڪارن جي فهرست جاري ڪئي آهي.

فهرست موجب مزاحيه فنڪار ايڊم سَينڊلَر سال 2014 جو ناڪام ترين اداڪار رهيو، جيڪو سال 2013 جو به ناڪام ترين اداڪار قرار ڏنو ويو هو.

فهرست ۾ هالي ووڊ جي سپر هٽ فلم پائريٽس آف دي ڪَيرِيبِئَن جو سپر اسٽار جوني ڊپ ٻيون نمبر ناڪام ايڪٽر قرار ڏنو ويو آهي، کيس سندس فلم دي لون رينجر ۽ ڊارڪ شيڊو جهڙين  ناڪام ترين فلمن اهڙي مقام تي پهچائي ڇڏيو.

ايڊم سينڊلر جي فلمن جَيڪ اينڊ جِل ۽ دَيٽس ماءِ باڊِي کي سال جون ناڪام ترين فلمون قرار ڏنيو ويو آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*