نوشهروفيروز ڀرسان پرڻيل ناري پراسرار نموني فوت ٿي وئي،ناري جي وارثن مڙس تي قتل جو الزام

nueshoro-firoz-woman-death-

نوشهروفيروز ڀرسان پرڻيل ناري پراسرار نموني فوت ٿي وئي، ناري جي وارثن مڙس تي قتل جو الزام  هڻندي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

ڳوٺ جمعو کوسو جي رهواسڻ 5ٻارڙن جي ماءُ 30 ورهين  جي فرزانه کوسو سول اسپتال ۾  پراسرار نموني فوت ٿي وئي.

ناري جي پيءُ هاشم کوسو مڙس تي ڌيءَ کي تشدد بعد زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته جوابدار لالو عرف شاهد کوسو سندس ڌيءَ کي بيهوشي واري حالت ۾اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو.

هن چيو ته معاملي جي درست نموني جاچ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*