جهلم جي هڪ نجي اسپتال ۾ آپريشن دوران عورت جي پيٽ ۾ رهجي ويل ٽوال ڪڍڻ لاءِ اڍائي مهينن بعد ٻيهر آپريشن ڪيو ويو

jhalam-woman-opration

جهلم جي هڪ نجي اسپتال ۾ آپريشن دوران عورت جي پيٽ ۾ رهجي ويل ٽوال ڪڍڻ لاءِ اڍائي مهينن بعد ٻيهر آپريشن ڪيو ويو، ناري جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.

جهلم جي هڪ خانگي اسپتال ۾ اڍائي مهينا اڳ پيٽ جي آپريشن دوران ڊاڪٽرز ٽوال رهائي ڇڏيو ۽ ٽاڪا هڻي ڇڏيا.

گهر منتقلي باوجود عورت کي تڪليف ٿيندي رهي، ٻيهر ايڪسري ڪرائڻ تي خبر پئي ته سندس پيٽ ۾ ڪا شئي پيل آهي.

اڍائي مهينن کانپوءِ ٻيهر آپريشن ڪيو ويو ته سندس پيٽ مان ٽوال نڪتو، سرجري بعد عورت جي حالت هاڻ سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.

متاثر عورت جي وارثن معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوار ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*