دهشتگردي ٽوڙ عدالت عيسائي جوڙي کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ 4 مک جوابدارن سميت 68 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

لاهور جـِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، پنجاب جـَي شهر ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ عيسائي جوڙي کي جيئرو ساڙڻ واري ڪيس ۾ 4 مـُک  جوابدارن  سميت 68  ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو  آهي.

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس ڪيس ۾ گرفتار چار مـُک جوابدارن سميت 68 ڄڻن کي سخت سڪيورٽي جي پهري هيٺ پيش ڪيو.

ٻڌڻيءَ دوران عدالت، 68 ڄڻن کي فرد جرم لاڳو ڪيو، جڏهن ته سمورن جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو آهي.

عدالت، سرڪاري وڪيلن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 2 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي تي پوليس ڪيس جو چالان پيش ڪندي 68 ئي ڄڻن کي ڏوهاري قرار ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*