پ پ ۽ پي ٽي آءِ دهشتگردي جا ڪيس هلائڻ لاءِ فوجي عدالتن جي قيام جي مشروط حمايت ڪري ڇڏي

پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف، دهشتگردي جا ڪيس هلائڻ لاءِ فوجي عدالتن جي قيام جي مشروط حمايت ڪري ڇڏي آهي، عمران خان چيو آهي ته فوجي عدالتن جو قيام مختصر مدي لاءِ هئڻ گهرجي، دهشتگردي جي لعنت  کان ڇوٽڪاري لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، پ پ پاران اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، مخدوم امين فهيم، قمر الزمان ڪائره، رحمان ملڪ ۽ شيرين رحمان شريڪ آهن.

جماعت اسلامي جو امير سراج الحق، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، افراسياب خٽڪ، آفتاب شيرپائو  سميت سمورين سياسي پارٽين جا اڳواڻ  ۽ وفاقي وزير به شرڪت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر خصوصي طور اجلاس ۾ شريڪ آهن.

اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن ڪميٽي پاران جوڙيل پلان تي سياسي پارٽين سان مشاورت ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان فوجي عدالتن جي حمايت ڪندي چيو ته ملٽري ڪورٽس قائم ڪيون وڃن، موجوده صورتحال ۾ ان جي سخت ضرورت آهي پر اهي مختصر مدي لاءِ هئڻ گهرجي.

عمران خان چيو ته قوم دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ قوم جون قربانيون رنگ لائينديون.

پي ٽي آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي لعنت کان ڇوٽڪاري لاءِ حڪومت سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ پيپلزپارٽي پڻ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي مشروط طور حمايت ڪئي، پ پ اڳواڻن تجويز ڏني ته فوجي عدالتون قائم ڪيون وڃن پر انهن جو مدو مختصر هئڻ گهرجي.

واضح رهي ته قومي ايڪشن پلان ڪميٽي پنهنجي سفارشن ۾ دهشتگردي جا ڪيس هلائڻ لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، فوجي عدالتن جو سربراهه ڪرنل ليول جو آفيسر هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*