چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ اينٽي ڪرپشن کي مختلف کاتن جي 38 ڪيسز جي اوپن انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي

cheif-sec-meeting

چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ اينٽي ڪرپشن کي مختلف کاتن جي 38 ڪيسز جي اوپن انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ صحت کاتي جا 18، تعليم جا 8 ۽ مڪاني ادارن جا 4 ڪيسز شامل آهن.

چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ممتاز شاهه ۽ ڊائريڪٽر حافظ هادي بخش بلو سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران مختلف کاتن جي 38 ڪيسز جي اوپن انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ صحت کاتي جا 18، تعليم جا 8، آبپاشي، ناڻي ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتن جي 2-2، مڪاني ادارن جي چئن ۽ صنعت واري کاتي جو هڪ ڪيس شامل آهن.

اجلاس دوران ڊائريڪٽر حافظ هادي بخش بلو آگاهي ڏيندي چيو ته صحت کاتي جي هڪ، تعليم کاتي جي چئن، ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي هڪ ڪيس جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*