تحريڪ لاهور ۾ رٿيل جلسي گاهه جو هنڌ تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Imran-Khan-14-4-16

تحريڪ لاهور ۾ رٿيل جلسي گاهه جو هنڌ تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عمران خان پارٽي اڳواڻن کي ضلعي انتظاميا سان ڳالهين جي هدايت ڪري ڇڏي.

عمران خان لاهور مان اسلام آباد روانگي وقت واضح ڪيو ته جلسي جو هنڌ تبديل نه ڪيو ويندو.

هن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا سان ڳالهيون ڪن، هو ڇنڇر ڏهاڙي واپس لاهور اچي جلسي گاهه جو دورو ڪندو.

واضح رهي ته اڄ صبح جو ئي لاهور جي ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي لڳل بئنرز ۽ پوسٽرز لاهي ڇڏيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*