وزير اعظم جي فيملي جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، اسان جي نيت خراب ناهي: سيد خورشيد شاهه

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وزير اعظم جي فيملي جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، اسان  جي نيت خراب ناهي، الزام وزير اعظم نه پر نواز شريف تي لڳايا ويا آهن.

سکر جي  پبلڪ اسڪول ۾ فيسٽيول  ۾ شرڪت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائندي خورشيد شاهه چيو ته عوام جي ٽيڪس مان ڪروڙين رپين جا اشتهار ڇپرايا ويا.

خورشيد شاهه چيو ته سڄي خبر آهي ته  وزير اعظم  جلسا ڪنهن جي خلاف ڪري رهيو آهي، پاناما ليڪيس جي الزامن کانپوءِ وزير اعظم جي خاندان جو به احتساب ٿيڻ گهرجي.

خورشيد شاهه چيو ته اسان جي نيت خراب ناهي، الزام وزير اعظم تي نه پر نواز شريف تي لڳايا ويا آهن، جنهن  جي جاچ ضروري آهي.

خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته موبائل فون خريداري جي جاچ نيب يا وري ايف آءِ اي کان ڪرائي وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*