خانپور واسي نينگر عاشق حسين کي پوليو هئڻ جي تصديق

polio

خانپور واسي نينگر عاشق حسين کي پوليو هئڻ جي تصديق ڪئي وئي، سنڌ ۾ هلندڙ سال پوليو جي ظاهر ٿيل ڪيسز جو انگ وڌي 4 ۽ ملڪ ۾ 9 ٿي ويو آهي.

ڳوٺ جونگل خان جتوئي واسي ساڍا چار سال جي ٻارڙَي عاشق حسين پٽ غلام محمد جتوئي کي ڊاڪٽرن پوليو هئڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ساڳئي علائقي ۾ هلندڙ سال مارچ دوران به هڪ ٻارڙَي کي پوليو ظاهر ٿيو هو،وڌيڪ هڪ ڪيس سامهون اچڻ بعد سنڌ ۾هلندڙ سال پوليو جي ظاهر ٿيل ڪيسز جو انگ وڌي 4 ۽ ملڪ اندر 9 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*