ٽنڊو ڄا۾ ۾ حيسڪو اختيارن بقايا ڄاڻائي زرعي يونيورسٽي جي بجلي ڪاٽي ڇڏي

tando-jam-uni

ٽنڊو ڄا۾ ۾ حيسڪو اختيارن بقايا ڄاڻائي زرعي يونيورسٽي جي بجلي ڪاٽي ڇڏيو، يونيورسٽي انتظاميه جو چوڻ آهي  ته صرف 15 گهرن جا بل ادا نه ٿيڻ ڪري 15 هزار ماڻهن کي بجلي کان محروم ڪيو ويو آهي.

حيسڪو اختيارن لکين رپيا بقايا ڄاڻي ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جي ڪئمپس، يونيورسٽي ڪالوني، بوائز ۽ گرلز هاسٽل سميت ٽيچرس هاسٽل جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي.

ايس ڊي او خرم قريشي جو چوڻ آهي  ته زرعي يونيورسٽي تي 54 لک رپين جون رهتون آهن، جيڪي ادا نه ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته اعليٰ اختيارين جي حڪم تي يونيورسٽي جي بجلي ڪاٽي وئي آهي، وائيس چانسلر پاران بقايا ادا ڪرڻ بعد بجلي بحال ڪئي ويندي.

يونيورسٽي انتظاميه جو چوڻ هو ته زرعي يونيورسٽي هر مهيني 45 کان 48 لک رپيا حيسڪو کي بجلي بلن جي مد ۾ ادا ڪندي آهي.

انتظاميه چيو ته يونيورسٽي ۾ ايگريڪلچر ريسرچ جا ڪوارٽر آهن، جن جي بقايا زرعي يونيورسٽي کان وصول ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

انتظاميه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪجهه گهرن تي بقايا هجڻ ڪري سموري يونيورسٽي جي بجلي ڪاٽي 15 هزار ماڻهن کي عزاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، جيڪا نا انصافي آهي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*