سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي سزا جي منتظر ٻن قيدين ڦاهي روڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي

سکر سينٽرل جيل ۾ڦاهي جي سزا جي منتظر ٻن قيدين سنڌ هاءِ ڪورٽ مان اپيل رد ٿيڻ بعد ڦاهي روڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.

موت جي سزا ٻڌايل قيدين اعظم ۽ عطاءُ الله جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ مان اپيل رد ٿيڻ بعد وڪيل معرفت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته حڪومت کين ڦاهي ڏيڻ لاءِ بليڪ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت کي استدعا آهي ته فوري طور تي درخواست تي ٻڌڻي ڪري.

واضح رهي ته ٻنهي قيدين ڦاهي روڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد قيدين اعليٰ عدالت سان رابطو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*