سکر بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

sukkur-protest-loadshiting

سکر بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته سخت گرمي ۾ بجلي جي بندش سندن جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين مين چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته سخت گرمي ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند هوندي آهي، جنهن ڪري رهواسي سخت پريشانين جو شڪار آهن.

هنن چيو ته بجلي جي بندش سبب ڪاروباري سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ پيئڻ جي پاڻي به بحران پيدا ٿي ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي شهرين کي عزاب کان بچايو وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*