ڪنڊيارو ويجھو هڪ پورهيت جا 6 ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿيڻ بعد هڪ نينگري فوت ٿي وئي

kandiaro-urari-child

ڪنڊيارو ويجھو هڪ پورهيت جا 6 ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿيڻ بعد هڪ نينگري فوت ٿي وئي، پورهيت ٻارڙن جي علاج لاءِ وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي آهي.

ڳوٺ الله ڏتو بالادي جي رهواسي  پورهيت عطر بالادي جا 6 ٻار ٽن ورهين جو صدورو، ٻن ورهين جو شاهجهان، چئن ورهين جو نويد، 9 سالن جو آجو ۽ 7 ورهين جي ثريا  ارڙيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا، جن کي تعلقا اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.

اسپتال ۾ هڪ سال جي نينگري ميرا ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، جڏهن ته وڌيڪ ٻارڙن جي به حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

پورهيت عطر بالادي چيو  ته سندس ڇهه ٻار ارڙيءَ جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويا،  پر مالي طاقت نه هئڻ ڪري هو پنهنجي ٻارڙن جو بهتر علاج نٿو ڪرائي سگهي.

هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ٻارڙن جو بهتر نموني علاج ڪرائڻ لاءِ ساڻس مالي سهڪار ڪيو وڃي.

ڊاڪٽر يونس چنڙ ڪي ٽي اين نيوز کي  ٻڌايو ته عطر بالادي جي ٻارڙن جو علاج هلندڙ آهي ۽ ٻارڙن جي طبعيت سڌرندڙ آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*