سنڌ اسيمبلي ۾ هٿيار کڻي داخل ٿيڻ جي الزام هيٺ گرفتار نجي ٽي وي چينل جي اينڪرپرسن اقرار الحسن ۽ سندس ساٿي کي آرام باغ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو

aqrar-hussain

سنڌ اسيمبلي ۾ هٿيار کڻي داخل ٿيڻ جي الزام هيٺ گرفتار نجي ٽي وي چينل جي اينڪرپرسن اقرار الحسن ۽ سندس ساٿي کي آرام باغ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڪارروائي بابت صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ اجلاس جاري آهي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پريس گئلري ۾ ويٺل نجي ٽي وي چئنل جي اينڪر پرسن اقرار الحسن سان گڏ آيل هڪ شخص کان پسٽل هٿ آيو، جنهن بعد ٻنهي کي اسيمبلي جي سڪيورٽي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو هو.

ڊي آءِ جي منير شيخ پهچي ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري آرام باغ ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ  اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اقرار الحسن ۽ سندس ساٿي خلاف ڪارروائي جي حوالي سان غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*