خيرپور ۾ ٻن بدنام ڏوهارين پاڻ کي هٿيارن سميت پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو

خيرپور ۾ ٻن بدنام ڏوهارين پاڻ کي هٿيارن سميت پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ايس پي ساجد کوکر موجب جوابدارن تي اغوا ۽ ڦرن جا 12 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.

بدنام ڏوهاري حليم الله ۽ هارون ڏاهري هٿيارن سميت ايس پي خيرپور ساجد کوکر وٽ پيش ٿي گرفتاري پيش ڪئي.

ايس پي خيرپور ساجد کوکر جو چوڻ آهي ته گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدارن تي اغوا، ڦرن ۽ پوليس مقابلن جا 12 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.

گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدارن جو چوڻ آهي ته هو ڏوهن جي دنيا کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پيش ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*