فيصل آباد ۾ اڻڄاتل جوابدارن فٽ پاٿ تي ستل ٽن ڄڻن کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو

Faisalabad-Munder-304016

فيصل آباد ۾ اڻڄاتل جوابدارن فٽ پاٿ تي ستل ٽن ڄڻن کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو آهي
فيصل آباد جي مدينه ٽائون واري علائقي ۾  ٽن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن جي سڃاڻپ مشتاق، اڪرم ۽ غلام اصغر شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٽئي ڄڻا روڊ ڪناري ستل هئا، اڻڄاتل جوابدارن تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي ٽنهي ڄڻن کي قتل ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن مان 2 ڄڻا فيصل آباد روزگار سانگي آيل هئا، جڏهن ته هڪ ڄڻو مقامي رهواسي آهي.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*