ٿاڻو بولا خان ويجهو سپر هاءِ وي تي 5 ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ عورتن ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Accident-Case-304016

ٿاڻو بولا خان ويجهو سپر هاءِ وي تي 5 ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ عورتن ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪراچي جي ماڙيپور واري علائقي ۾ ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
ٿاڻو بولا خان ويجهو سپر هاءِ وي تي ڪار، ٽرالر ۽ ٽينڪر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾  آصف عباسي نالي ڊرائيور فوت ۽ ٽن عورتن ۽ هڪ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
سپر هاءِ وي عيسا سيمينٽ فيڪٽري وٽ ٽرڪ   ۽  ڪار وچ ۾ ٽڪر  کانپوءِ ٽرڪ ڪار مٿان ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب ڪراچي واسي نوجوان رحمان، عبدالله، عثمان ۽ نجم الدين فوت ٿي ويا.
سپر هاءِ وي جاکرا چڙهائي وٽ موٽروري پوليس جي گاڏي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب ڊرائيور عابد علي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
سپر هاءِ ڪورٽ 11 نمبر چوڪي وٽ تيز رفتار شهزور ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7  ڄڻا زخمي ٿي پا، جن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
سپر هاءِ وي دادا ڀائي سيمينٽ فيڪٽري وٽ وين ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر  سبب سڪرنڊ واسي نوجوان اشفاق ۽ ارشاد زخمي ٿي پيا جن کي پڻ  حيدرآباد منتقل ڪيو ويو
هوڏانهن ڪراچي جي ماڙيپور واري علائقي ۾ ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*