مٺي ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيماري سبب هڪ وڌيڪ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو

Chind-30416

مٺي ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيماري سبب هڪ وڌيڪ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو، ٿر جي ڏڪاريل ڏيهه ۾ ٻارڙن جي فوتگين جو سلسلو ڪيترن ئي مهينن کان جاري آهي.
ننگرپارڪر جي ڳوٺ دوبهار جي رهواسي آنند جو  هڪ ڏينهن جو معصوم پٽ مٺي جي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن چئن مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي  306 ٿي ويو آهي.
ٻئي طرف سنڌ حڪومت پاران مٺي جي سول اسپتال کي اپگريڊ ڪرڻ سميت ڊاڪٽرن جي خالي پيل جاين کي ڀرڻ وارن اعلانن تي اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*