سنڌ اسيمبلي مان گرفتار ٿيل صحافي اقرار الحسن ۽ سندس هٿيار بند ساٿي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ کين اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان

sindh-assembly-pustol

سنڌ اسيمبلي مان گرفتار ٿيل صحافي اقرار الحسن ۽ سندس هٿيار بند  ساٿي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ کين اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان، جڏهن ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.
صحافي اقرار احسن ۽ سندس هٿياربند ساٿي کي گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي گيلري مان گرفتار ڪيو ويو هو، جن خلاف آرام باغ ٿاڻي تي هٿيارن جي نمائش ۽ دوکيبازي جا 2 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.
ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ اقرار الحسن ۽ سندس ساٿي کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي،جڏهن ته وفاقي  چوڌري نثار معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته مختلف ملڪن ۾ صحافي ڪمزوريين جي نشاندهي ڪندا آهن، جن جو مقصد ڪنهن کي نقصان پهچائڻ  نه هوندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*