ڀارت ۾جاري انڊين پريميئرليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي 25هين ميچ ۾گجرات لائنز جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

Gurat-IPL-30416

ڀارت ۾جاري انڊين پريميئرليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي 25هين ميچ ۾گجرات لائنز جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

ڀارت شهر پوني ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ گجرات لائنز جي ٽيم جي ڪپتان سريش رائنا ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 195رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ اسٽيوِ سمٿ پنج ڇڪن ۽8 چوڪن جي مدد سان شاندار 101 رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪور رهيو ،جڏهن ته رهاني 53رنز اسڪور ڪيون.

گجرات لائنز جي ٽيم پاران ڊيان براوو هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

جواب ۾ گجرات لائنز جي ٽيم جي شروع وارن بيٽسمينن ذميواري سان بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو.

ڊيوائن اسمٿ 63، برينڊن ميڪيولم 43۽ڪپتان سريش رائنا 33رنز جي اننگ کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ويجهو آندو ۽ آخري اوورس جي آخري بال تي گهربل ٽارگيٽ  ست وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم پاران ڊنڊا۽ ٿسارا پريرا ٻه-ٻه وڪِيٽون حاصل ڪيون،جڏهن ته ڀاٽيا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*