پاڪستان ۽انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ سيريز پوائنٽس سسٽم تحت کيڏڻ تي اتفاق ٿي ويو

EngvsPak-30416

پاڪستان ۽انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ سيريز پوائنٽس سسٽم تحت کيڏڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، ٽيسٽ ميچ ۾ فتح تي چار ۽ ون ڊي-ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاميابي تي ٻه-ٻه پوائنٽس ملندا.

انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي کي ٽِيسٽ ، ون ڊي ۽ ٽي-ٽوئنٽي سيريز پوائنٽس سسٽم تحت کيڏڻ جي آڇ ڪئي.

ذريعن مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اهڙي آڇ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

اهڙي طرح پاڪستان ۽ انگينڊ جي ٽيمن وچ ۾ رٿيل سيريز هلندڙ سال جولاءِ کان سيپٽمبر ۾کيڏي ويندي،جيڪا پوائنٽس تحت هوندي.

پوائنٽس سسٽم تحت ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ ٽيم کي چار پوائنٽس ۽ ميچ جو ڊرا ٿيڻ تي ٻه پوائنٽس ملندا.

ون ڊي ۽ ٽي-ٽوئنٽي ميچ جي فاتح ٽيم کي ٻه پوائنٽس ملندا ۽ ٽآءِ ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ پوائنٽس حاصل ٿي سگهندا.

ميچز جي پڄاڻي تي سڀ کان وڌيڪ پوائنٽس حاصل ڪندڙ ٽيم سيريز جي فاتح ٽيم بڻجي ويندي.

انگلينڊ گذريل سال آسٽريليا وومن ڪرڪيٽ ٽيم خلاف ايشيز سيريز ۾ به پوائنٽس سسٽم لاڳو ڪيو هو.

واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي سيريز ۾ ۾ چار ٽيسٽ،  پنج ون ڊي ۽ هڪ ٽي-ٽوئنٽي ميچ رٿيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*