شڪارپور ۾ سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪندي ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي

Shikarpur-police-30416

شڪارپور ۾ سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪندي ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدار11 ماڻهن جي قتل، ڦرن ۽ ٻين سنگين ڪيسن ۾ گهربل آهن.
سي آءِ اي پوليس ماڙي روڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي قتل، ڦرن ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ گهربل ٽن جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو.
سي آءِ اي انسپيڪٽر قادر چانڊيو جوچوڻ هو ته ماڙي روڊ ويجهو ڪارروائي ڪندي جوابدار وينگس، ممتاز ۽ علي شير جتوئي کي مقابلي بعد گرفتار ڪيو ويو آهي.
سي آءِ انسپيڪٽر جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار جوابدار 11 ماڻهن جي قتل سميت ڦرن جي 20 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل آهن، جن جي قبضي مان هڪ ڪلاشن ڪوف، هڪ رپيٽر ۽ هڪ ٽي ٽي پسٽل  هٿ ڪيو ويو آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*