ميهڙ ويجهو هٿياربندن ٽرڪ ڊرائيور کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ لاڙڪاڻي ويجهو گذريل رات هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪيوويو

Larakana-young-30416

ميهڙ ويجهو هٿياربندن ٽرڪ ڊرائيور کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽  لاڙڪاڻي ويجهو گذريل رات هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪيوويو آهي.
ميهڙ جي ڳوٺ لونگ مهيسر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ٽرڪ ڊرائيور عبداللطيف مهيسر کي گهر اندر داخل ٿي اغوا ڪيو، جنهن بعد کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته 4 کان 5 هٿياربندن عبداللطيف مهيسر جي گهر ۾ داخل ٿي سندس گهر وارن کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري کيس اغوا ڪيو ۽ ڪجهه پنڌ اڳتي وڃڻ بعد کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي.
لاڙڪاڻي ويجهو بقاپور ٿاڻي جي حد مان گذريل رات هٿ آيل لاش جي نوجوان فياض ڏيپر طور سڃاڻپ ٿين بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي ظاهر ڪنهن به زخم جو نشان ناهي، واقعو قتل جو آهي ته آپگهات ان بابت پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد  معلوم ٿي سگهندو.
وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان گذريل رات گهران نڪرڻ بعد پر اسرار نموني گم ٿي ويو هو، سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*