وزيراعظم نواز شريف، سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪري برطانوي دوري ۽ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو

Ch-Nisar-Nawaz-Sharif-30416

وزيراعظم نواز شريف، سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪري برطانوي دوري ۽ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، ذريعن موجب پاناما ليڪس واري معاملي تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو.
وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار رائيوِنڊ پهچي وزيراعظم ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران برطانوي دوري سميت ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ذريعن موجب چوڌري نثار وزيراعظم کي برطانيا ۾ پنهنجي مصروفيتن ۽ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو.
ذريعن موجب ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ پاناما ليڪس جي حوالي سان پڻ  غور ويچار ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*