امريڪا کان ايف 16 جهازن جي خريداري ۽ مالي معاملا غور هيٺ آهن،پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيسه ذڪريه
پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيسه ذڪريه ايف 16 جهازن بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته امريڪا کان ايف 16 جهازن جي خريداري ۽ مالي معاملا غور هيٺ آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ڪنهن هڪ ملڪ نه پر گڏيل مسئلو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريه پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايف 16 جهازن جي خريداري جي حوالي سان ميڊيا ۾ آيل خبرن تي تبصرو نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته امريڪا کان ايف 16 جهازن جي خريداري ۽ مالي معاملا غور هيٺ آهن، جڏهن ته دهشتگردي جو خاتمو ڪنهن هڪ ملڪ جي ذميواري نه آهي.
نفيس ذڪريه چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار ڪنهن کان به لڪل نه آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن.