وزيراعظم نواز شريف پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو آخري مرحلو مئي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ اختيار هيٺئين سطح تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو,عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جا مخالف پاڪستان جا دشمن آهن

Nawaz-Sharif-30416

وزيراعظم نواز شريف پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو آخري مرحلو مئي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ اختيار هيٺئين سطح تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جا مخالف پاڪستان جا دشمن آهن، ناڪاري سياست جو دور ختم ٿي ويو، ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گورنر هائوس لاهور ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، گورنر ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سميت ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وزيراعظم نواز شريف مڪاني چونڊن جو آخري مرحلو مئي مهيني دوران مڪمل ڪرڻ ۽ اختيار هيٺئين سطح تائين منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته عوام جا مسئلا سندن تڪن ۾ ئي حل ڪيا ويندا، صحت، تعليم ۽ صاف پاڻي سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
ميان نواز شريف چيو ته سڄي ملڪ ۾ ترقياتي پروگرامن تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي، عوام جي خدمت جو رستو ئي ترقي جو رستو آهي.
هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن دوران عوام ترقياتي منصوبن جو ثمر ملندو، 2018ع تائين ترقي ۽ خوشحالي جو سفر مڪمل ڪيو ويندو.
وزيراعظم چيو ته عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جا مخالف پاڪستان جا دشمن آهن، ناڪاري سياست وارو دور ختم ٿي چڪو آهي، ڏڦيڙ پکيڙيندڙ سياستدانن کي عوام رد ڪري چڪو آهي.
وزيراعظم نواز شريف چيو ته ٻن سالن اندر ملڪ کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو، آخري ڪاميابي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي ئي ملندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*